مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آر??يڪ?? 370 ۽ 35 اي ۾ ترميم ذريعي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ غيرمسلمان رهواسين کي شهريت ڏيڻ جو ??يانڪ منصوبو والاريل ڪشمير جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي سازش هئي جنه?? جي تسلسل ۾ لکين ڀارتي هندوئن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا ۽ بوگس تڪ بنديون ڪري رياست جي مسلم تشخص کي ختم ڪيو پيو وڃي، اسان انهن سمورن قدم?? جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهي سمورا قدم گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي منظور ٿيل قرارداد?? جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ ان تي گڏيل قوم?? جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي، ڀارت جي فسطائي حڪومت ڊوميسائيل قانونن تحت ڪشميرين کان انه?? جي رهائش، شهريت، روزگار ۽ زمي?? جي ملڪيت جا حق کسي ورتا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ سڄي ڀارت مان 40 لک کان وڌيڪ هندوئن کي آڻي ڪشمير ۾ آبادڪاري ڪئي وئي آهي، قابض فوجين ۽ ڀارتي سرڪاري آفيسرن ۽ انه?? جي خاندانن کي هڪ منظم منصوبي تحت ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، هدف اهو آهي ته والاريل واديءَ جي آبادي جي تناسب کي مستقل طور تي تبديل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اسان دنيا جي بهادر ترين قوم ڪشميري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن غاصباڻي قبضي ۽ دهشتگردي جي باوجود پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي. آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جا ماڻهو توهان سان گڏ بيٺل آهن ۽ توها?? جي آزادي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد پار ڪندا، ڪشمير مسئلي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڀارت جيڪي قدم کنيا ان سان گڏيل قومن ۾ موجود ڪشمير مسئلي جي حيثيت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي ڪشميري?? جي راءِ جي ابتڙ حل نه ٿو ڪري سگهجي. اهي گڏيل قومن جون قراردادون ئي آه?? جيڪي ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏين ٿيو.
ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ۾ ترميم ذريعي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو ويو: بئريسٽر سلطان محمود چوڌري
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino