اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏ?? ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سينيئر صحافي خالد هميد فاروقي جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، خالد حميد فاروقي سنجيده طبيعت ?? اعليٰ صحافتي معيار رکندڙ صحافي هو، هو يورپ مان پاڪستاني صحافي طور م??هو?? هو، تازي يوڪرين جنگ ۾ به هن هڪ نئين صحافتي تاريخ لکي هئي. هن چيو ته مرحوم هڪ تمام سٺو ۽ محنتي انسان، قابل ۽ باخبر صحافي هو. اطلاعات واري وفاقي مريم اورنگزيب وزير خالد حميد فاروقي مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria