اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??ستقبل ۾ اهي ئي قومون طاقتور ٿينديون جيڪي دنيا ۾ به??رين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنديون، پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جون پنجون وڏو ملڪ آهي پر ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو پـٺتي آهي، پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي ف??وغ تي ڌي*ان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽري ڪا??يج آف سگنلز ۾ 28 هين سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن کي انهن جي ڪا??يابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، نسٽ دنيا جي به??رين يونيورسٽين مان هڪ آهي، هن چيو ته اڄ پنهنجي تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن جي لاءِ مستقبل جي عزم جو ڏينهن آهي، اهي محنت ۽ شوق سان پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جي به??ري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي پر ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي، هن چيو ته اسان جي ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي، ماضي ۾ ان معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو تنهن هوندي به هاڻي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي ف??وغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ??اهرين ملڪ پاڪستاني مزدورن جو وڏو تعداد خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٿي رهي هجي ها ته ۽ دبئي ۽ سنگاپور وانگر عمارتون تعمير ڪيون وڃن ها ته اهي ماڻهو روزگار لاءِ ٻاهرين ملڪ نه وڃن ها. اهڙي طرح 70 کان 90 جي ڏهاڪن دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ پروفيشنلز کي نوڪرين جا مناسب موقعا ميسر نه هئا جنهن جي ڪري انهن کي نوڪرين لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻو پيو، هن چيو ته اشارن جي زبان جو زندگي ۾ اهم ڪردار آهي، 70 سيڪڙو ماڻهو اشارن جي زبان سمجهندا آهن، صدر چيو ته اڄ جي صحافت اخلاقي طور تي زوال پذير آهي. پس منظر کي سمجهڻ کانسواءِ خبرن سان بيانيو هڪدم بدلجي ويندو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ن بار بار ٽيڪنالاجي جي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ڇو ته ??ستقبل ۾ اهي قومون طاقتور هونديون جيڪي دنيا ۾ به??رين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنديون. هن چيو ته دفاعي شعبي سميت سمورن ادارن جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي اهم آهي، سمورن ادارن ۾ سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ضرورت آهي. اسان کي ماهرن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي ماهر تعليم يافته ??اڻهن جي ضرورت آهي. ان مقصد جي لاءِ لکين ماڻهن کي تربيت فراهم ڪرڻ ضروري آهي. فاصلاتي تعليم سميت مختلف طريقن مان اهو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڊجيٽل اسڪلز جو آغاز ڪيو جنهن ۾ 20 ماڻهن داخلا ورتي ۽ 16 لک پهريون مرحلو عبور ڪري چڪا آهن. ان ڏس ۾ سڀني لاءِ پرائمري تعليم ۽ هڪجهڙو تعليمي نظام ضروري آهي ته جيئن قومي سطح تي هم آهنگي پيدا ڪري سگهجي. انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ٻارن کي ننڍپڻ ۾ تربيت ڏيڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڊيٽا پروٽيڪشن جديد دور جي ضرورت آهي، ان حوالي سان قانونسازي به ضروري آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران هنگامي صورتحال ۾ مختلف ادارن هڪ ٻئي سان ڊيٽا شيئر ڪيو جنهن سان به??رين فيصلي سازي ۾ مدد ملي . نادرا اٿارٽي جي نئين قانون جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت نادرا ضرورت پوڻ تي ڊيٽا حاصل ڪري سگهي ٿو، صدر چيو ته ??اڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جيتري ڊيٽا آهي ايتري اهليت نه آهي. پاڪستان جي پنج سيڪڙو ڊيٽا تائين پهچ حاصل آهي، هن چيو ته تيل قيمتي آهي پر ڊيٽا ان کان وڌيڪ قيمتي آهي، هن چيو ته ??اڪستان تي روزاني سائبر حملا ٿيندا آهن، انهن حملن جو ڪنهن ننڍي وڏي ملڪ سان تعلق ناهي هوندو پر اهو ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته ??يڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ به??رين سوچ رکندڙ سمارٽ ۽ قابل ماڻهن جي ضرورت آهي. انساني وسيلن تي تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي. ملڪ جي نوجوانن کي ذهانت طرف متوج??ه ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو آهي. هن تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن تي زور ڏنو ته ??و ڪمزور طبقن جو خيال رکن، ڪورونا وبا جي دوران معاشري جي ڪمزور طبقن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو جنهن سان ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪمانڊٽ ملٽري ڪا??يج آف سگنلز برگيڊيئر سيد علي رضا ڪا??ياب ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سان شعبي جي ترقي سان سائبر سيڪيورٽي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪا??يج جي ڪا??يابين ۽ مستقبل جي منصوبن تي به روشني وڌي، ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ سندون ورهايون، شاگردن کي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪا??يابي ڏيکارڻ تي مختلف ايوارڊز سان نوازيو ويو. انهن ايوارڊز ۾ پريذيڊنٽ گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ايوارڊ، چانسلر سول ميڊيل سان نوازيو ويو. ڪيپٽن احسن بلال طارق پريذيڊنٽ گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ايوارڊ ٻئي حاصل ڪيا.
مستقبل ۾ اهي ئي قومون طاقتور ٿينديون جيڪي دنيا ۾ بهترين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنديون: صدر
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن