اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سينئر سفارتڪار کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪرتار پور گوردواره درٻار صاحب ۾ هڪ انفرادي واقعي تي ڀارتي شرانگيز واويلا کي رد ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي سفارتڪار کي ??ڌا??و ويو ته اق??يتن لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اق??يتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب ڀارتي سفارتڪار کي ??ڌا??و ويو ته ان واقعي کي فوري طور تي حل ڪيو ويو ۽ وضاحت ڪئي وئي. حڪومت پاڪستان اق??يتن جي حقن کي سڀني کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي، پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي جي مذهبي ۽ مقدس ماڳن جي تقدس کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڀارتي سفارتڪار کي چيو ويو ته هو نئين دهلي حڪومت تي زور ڏئي ته هو هندستان ۾ اق??يتن سان منظم ظلم ۽ ستم جي انهن واقعن جي تحقيقات ڪري جيڪي رياستي سرپرستي ۾ جاري آهن، اق??يتن کي منظم طريقي سان پسماندگي ۽ بربريت جي پيش نظر، هندستان وٽ ڪٿي به اق??يتن جي لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪو به ٺوس موقف نه آهي. اق??يتن جي لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اق??يتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي، ڀارتي عملدارن کي پنهنجي اق??يتن جي تحفظ ۽ عبادتگاهن جي بي حرمتي، نفرت انگيز ڏوهن ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ڀارتي هاءِ ڪميشن جو سينئر سفارتڪار پرڏيهي وزارت طلب
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔