اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سع??دي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ تعان جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي وزير سعودي ع??ب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو ۽ سع??دي پرڏيهي وزير جي جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي وڌندڙ گڏيل تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ اڻٽر آهي، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي افعان شهرين جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر پوري خطي ۾ پوندا، پرڏيهي وزير سع??دي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران هٿين خالي ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سعودي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے