اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پن??اب جي اسڪولن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پن??اب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ڪوششن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پن??اب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 راندين ??ا ميدان تيار ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پنهنجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو علائقائي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ۾ احسان ماني جي ڪردار کي ساراهي ٿو.
سمورا صوبا راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي پنهنجو ڌيان ڏين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری