لاهور – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز جي ابتڙ سنڌ ح??ومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب ??ڻج??دا، صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان جاري آهي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي، سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. سنڌ ح??ومت پاران لاڪ ڊائون هڻڻ بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، بدقسمتي سان نريندر مودي جي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ قدم نه کنيا جنهن جي ڪري ڀارت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو ذريعو ??ڻج?? ويو آهي. هن چيو ته جڏهن ڪورونا وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري معيشتون سنڀلجي رهيون هيون، ان وقت ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي پاليسين جي ڪري پوري دنيا ڊيلٽا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ ??شڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ ح??ومت جي فيصلن سان ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان هلي رهي آهي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ ح??ومت اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي هدايتن جي ابتڙ صنعتن کي بند ڪري ٿ?? ته ان سان پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ ح??ومت ويڪسي نيشن تي زور ڏي، جن صنعتن ۾ 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، انهن صنعتن کي کولڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ ح??ومت جهڙي طريقي سان پابنديون هڻي رهي آهي ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. هن چيو ته آرٽيڪل 149، 151 ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصل?? موجب صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ ح??ومت فوري طور تي صنعتن کي کولي، واپاري ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو انهن جي چيلهه ٽتي پوي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ ح??ومت ڪورونا بابت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته وفاق ڪورونا وائرس جي خاتمي بابت صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهيو آهي پر صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انڊسٽري کولڻي پوندي، انهن کي پنهنجي حڪمت عملي اين سي او سي جي گائيڊ لائينز موجب ٺاهڻي پوندي.
سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ