اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نوان چونڊيل سينيٽر اڄ جمعي تي ڇهن سالن لاءِ سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻندا، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ پهريون ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آهي، سينيٽ جي نون ميمبرن ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان پاڪستان ??يپ??زپارٽي جو سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب مان مسلم ليگ (ق) جو ڪامل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف ا??له سرور خان نيازي، عون عباس، اعجاز احمد چوڌري، سيد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افنان ا??له خان، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي شامل آهن. سنڌ مان پاڪستان ??يپ??زپارٽي جو سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعواڻ، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، فاروق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خان، پي ٽي آءِ جو محمد فيصل واوڊا، سيف ا??له ابڙو، اي?? ڪيو اي?? پاڪستان جو سيد فيصل علي سبزواري ۽ خالده اطيب، خيبرپختونخوا مان پي ٽي آءِ جو محسن عزيز، شبلي فراز، لياقت خان ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، محمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، عوامي نيشنل پارٽي جو هدايت ا??له خان ۽ جي يو آءِ ف جو عطاءُ الرحمان شامل آهن. بلوچستان مان بلوچستان عوامي پارٽي جو پرنس احمد عمر احمد زئي، منظور احمد، سرفراز احمد بگٽي، سيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان نيشنل پارٽي جو محمد قاسم، اي اي?? پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ ف جو مولانا عبدالغفور حيدري، ڪام??ان مرتضيٰ ۽ آزاد اميدوار محمد عبدالقادر ۽ نسيمه احسان شامل آهن. اهي ميمبر 6 سالن جي لاءِ سينيٽ جا ميمبر چونڊيا ويا آهن. سينيٽ جا 52 ميمبر خميس ڏينهن پنهنجو 6 سالا آئيني مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويا.
سيد يوسف رضا گيلاني سميت 48 نوان چونڊيل سينيٽر اڄ سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻندا
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم