اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين عبدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو آهي ته هو عيد الاضحيٰ 1437 هجري جي پرمسرت موقعي تي وطن واسين کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ دعاڳو آهي ته رب العزت اسان سڀني کي جذبه ابراهيمي سان ڀرپور عيد ملهائڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان جي قربانين کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبوليت بخشي. صدر چيو ته عيدالاضحيٰ اسان جو هڪ اهم ڏڻ آهي ۽ هي ان لازوال قرباني جي ياد ۾ ملهايو ??ين??و آهي جنهن جو مثال عالم انسانيت ۾ نٿو ملي، حضرت ابراهيم عليه السلام جي عظيم قرباني ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي اطاعت واضح ڪري ٿي ته خدا جي رضا حاصل ڪرڻ ئي مومن جي زندگي جو ??صل مقصد آهي، ان سان گڏوگڏ هي عيد اسان جي لاءِ اسلام جو هڪ اهم رڪن ”حج“ ادا ڪرڻ جو ??نعام به آهي، حج مبارڪ جي سعي و مناجات ۽ عيدالاضحيٰ تي مسلمانن طرفان پيش ڪيل قرباني هي حقيقت واضح ڪري ٿي ته اسلامي تعليم رنگ ۽ نسل ۽ قوميت جي امتياز کان هٽي ڪري مسلمان امت جي وحد کي يقيني بڻائڻ جو ??ريعو آهي.
عيد تي دهشتگردي کان متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن کي ياد رکڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria