تيونس _12 ڊسمبر (ا?? پي پي) تيونس جي اسڪولن ۾ سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق تيونس ۾ تعليم واري وزارت ڊيجيٽل تشدد جي ??ڌندڙ رجحان کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ نظم وضبط کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ اسڪولن ۽ ادارن اندر سمارٽ فون کڻي وڃڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزارت جو ا??و قدم هڪ استاد جو پاڻ کي ساڙي آپگهات ڪرڻ جي ??اقعي بعد ک??يو ويو. ان استاد کي پنهنجي شاگردن طرفان هڪ آن لائن بدمعاشي جي ??هم کي منهن ڏيڻو پيو. ان استاد جي ??يڊيو ٺاهي وئي ۽ ان کي سوشل ميڊيا سائٽس تي شايع ڪيو ويو هو. تعليم واري وزارت پنهنجي اختيار جي دائري تحت علائقائي وفدن کي موڪليل هڪ ميمورنڊم ۾ اسڪولن ۽ ادارن جي ??رنس??لز کان مطالبو ڪيو ته هو شاگردن ۽ والدين کي آگاهه ڪن ته ڪنهن به سبب تعليمي ادارن ۾ سمارٽ موبائل فون آڻڻ منع آهي. وزارت اهو به حڪم ڏنو ته اسڪول اندر فوٽوگرافي تي سختي سان پابندي لاڳو ڪئي وڃي. رڳو اسڪول جي ??رنسپل جي اجازت سان ئي فوٽوگرافي جي اجازت ڏني وڃي.
تيونس جي اسڪولن ۾ سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج