تھران-28 نومبر (اي پي پي) ايران چي?? آھي ته اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف آھن ۽ عالمي ا??ٽمي توانا??ي ايجنسي (آءِ اي ا?? اي) جي نگراني ھيٺ ۽ ايٽمي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري ا??در آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ايران جي ا??ٽمي توانائي واري اداري جي سربراھه محمد اسلامي جاري بيان ۾ چي?? آهي ته ايراني ا??ٽمي پروگرام ۽ ان جو مقصد واضح آھي، اھو شفاف ۽ پرامن آھي، اسان جون سموريون سرگرميون آءِ اي ا?? اي جي نگراني ۽ ايٽمي ھٿي??ري?? جي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري ا??در آھن. پروگرام جي دائري ا??در يورينيم جي رچاءُ جي سطح کي وڌ کان وڌ 60 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي وضاحت ڪندي ھن چي?? ته اسان وٽ مختلف ھدفن مطابق افزودگي جون مختلف شرح آھن، اھم ڳالھه اھا آھي ته اسان ڪارڪردگي کي وڌائي سگھون ٿا. ھن چي?? ته اعليٰ سطح تي يورينيم جي رچاءُ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ اقتصادي مشن کي حاصل ڪرڻ اسان جي منصوبي جو حصو آھي، اميد آھي ته ايران، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جا نائب پرڏيھي وزير ايران جي ا??ٽمي پروگرام ۽ علائقا??ي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ل??ءِ 29 نومبر تي سوئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ ملاقات ڪندا.
اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف ۽ آءِ اي اي اي جي نگراني ھيٺ ۽ اين پي ٽي جي دائري اندر آھن: ايران
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ