انقره-06 نومبر (اي پي پي) ت??ڪي?? جي حڪمران اي ڪي پارٽي (اي ڪي پي) جي اتحادي نيشنلسٽ موومينٽ پارٽي (ايم ايڇ پي) جي اڳواڻ دولت ڀوجيلي رجب طيب اردوان جي صدارت ج?? مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش ڪري ڇڏي. ميڊيا موجب هن ايم ايڇ پي جي قانونسازن سان پارلياماني تقرير ۾ چيو ته صدر کي 2028ع جي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم تي غور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ۽ مهانگائي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ت??ڪي?? سياسي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪري وٺي ته ڇا صدر جي ٻيهر چونڊ فطري ۽ درست نه ه??ندي. جيڪڏهن 600 سيٽن واري پارليامينٽ ۾ 360 قانونساز آئيني ترميم جي حمايت ڪن ته ان جي لاءِ ريفرنڊم ڪرائي سگهجي ٿو. وقت سان چونڊن لاءِ 360 پارليامينٽ جي ميمبرن جي حمايت جي به ضرورت هوندي آهي. اي ڪي پي ۽ ان جي اتحادين جون 321 جڏهن ته ڊي اي ايم جون 57 سيٽون آهن. ياد رهي ته گذريل سال ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ صدر طور اردوان پنهنجو آخر?? مدو پ??رو ڪري رهيو آهي، جيستائين آئين موجب پارليامينٽ وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو نه ڪري. هن پهرين وزيراعظم ۽ پوءِ صدر جي حيثيت سان ت??ڪي?? ??ي 21 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪئي.
رجب طيب اردوان جي صدارتي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی