قاهره-13 مئي (اي پي پي) مصر چيو آهي، ته هو غزه ۾ جاري جنگ جي تناظر ۾ انصاف واري عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ اسرائيل خلاف ڏکڻ آفريقا طرفان نسل ڪ??ي واري ??يس جي حمايت لاءِ باضابطه ڌر بڻجڻ جي تياري ??ري رهيو آهي. العربيه جي رپورٽ مطابق مصر جي پرڏيهي وزارت چيو آهي، ته اهو قدم غزه جي پٽي ۾ فلسطيني شهرين خلاف اسرائ??لي حملن جي وڌندڙ شدت ۽ دائرڪار کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي فيصلو منظرم اسرائ??لي طريقن ۽ حملن وچ ۾ ڪيو ويو، جن ماڻهن کي آخرڪار لڏپلاڻ ۽ پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي جن??ن سبب هڪ بي مثال انساني بحران پيدا ٿيو آهي. مصر طرفان اهو اعلان ان ڳالهه کان پوءِ ڪيو ويو جڏهن اسرائيل گذريل هفتي مصر جي سرحد رفح جي اوڀرندي علائقي ۾ داخل ٿي عالمي مخالفت جي نفي ڪئي ۽ ويجهي گذرگاهه تي قبضو ڪيو جيڪو والاريل فسلطيني علائقي ۾ امداد جي رسد لاءِ اهم رستو آهي. ڏکڻ آفريقا جن??ري ۾ عالمي عدالت کي اهو اعلان ڪرُڻ جو چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪ??ي ڪري رهيو آهي ۽ هو اسرائيل کي پٽي ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏئي.
ڏکڻ آفريقا طرفان انصاف واري عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف نسل ڪشي واري ڪيس ۾ مصر به ڌر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : گرم گرم