گڏيل قومون -13 نومبر (اي پي پي) غزه تي اسرائيلي حملن ۾ فوتگين جي تعداد 11 ه??ار کان وڌي وئي ۽ زخمي 27 ه??ار 490 تائين پهچي چڪا آهن. برطانوي اخبار مطابق غزه جي پٽي تي 7 آڪٽوبر کان شروع ڪيل اسرائيلي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حملن علائقي ۾ وڏي پيماني تي افراتفري ۽ تباهي پکيڙي آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس جي ويب سائيٽ تي جاري رپورٽ مطابق غزه تي تازن اسرائيلي حملن ۾ 41 ه??ار کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ 2 لک 22 ه??ار کان وڌيڪ کي نقصان پهتو آهي. هن ٻڌايو ته اسرائيلي حملن دوران غزه ۾ ٿيل فوتگين جو تعداد 11 ه??ار کان وڌي چڪو آهي، جڏ??ن ته زخمين جو تعداد 27 ه??ار 490 ٿي چڪو آهي. اسرائيلي حملن ۾ ٿيل فوتگين ۾ 3 ه??ار 27 عورتون، 4506 ٻار ۽ 678 بزرگ ماڻهو شامل آهن. رپورٽ مطابق 2700 ماڻهن جن ۾ 1500 ٻار شامل آهن هن وقت تائين گم آهن. رپورٽ مطابق مجموعي طور تي غزه جي گهٽ م گهٽ 45 سيڪڙو رهائشي يونٽن کي مبينه طور تي نقصان پهتو يا اهي تباهه ٿي ويا. اهي انگ ا??ر غزه جي اختيارين طرفان فراهم ڪيا ويا آهن.
غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 11 هزار فوتگيون، 41 هزار گهر تباهه ٿي چڪا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن