ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن جامع ايٽمي تجربن تي پابند?? جي معاهدي سي ٽي بي ٽ?? جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف پي مطابق روسي صدر گذريل ڏينهن هڪ قانون تي صحيح ڪئي جنهن ۾ روس طرفان جامع ايٽمي تجربن تي پابند?? جي معاهدي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 1996ع جو اهو معاهدو ايٽمي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن ايٽمي ڌماڪن کي غير قانوني قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به توثيق حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن ب?? لاڳو نه ٿيو. ان معاهدي کي رد ڪرڻ جو بل گذريل مهيني روس جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز رفتار عمل سان منظور ڪيو ويو. پارلياماني ٻُڌڻين دوران رياست ڊوما جي اسپيڪر ويا چسلا وولوڊن چيو ته معاهدي کي رد ڪرڻ جي قدمن جو ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متح??ه جي مذاق بدتميز روين جو جواب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن ب?? لاڳو نه ٿيو پر ايٽمي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معاهد?? جي توثيق ڪئي ۽ ان جي علامتي اهميت آهي. سند?? حامين جو چوڻ هو ته هن ايٽمي هٿيارن جي سڌيءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏي ايٽمي طاقتن جي توثيق کانسواءِ معاهد?? جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مهينن کانپوءِ روس جي پارليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معاهد?? جي توثيق ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی