اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته ايران اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ??لڪ آهي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ترڪمانستان جي دوري دوران ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر عارف ??لوي چيو ته ٻن??ي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ??اڳاپا وڌ??ئڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم علائقائي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تعاون ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي ضرورت آهي، ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ٻن??ي اڳواڻن ٻطرفو تعاون ۽ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. ٻن??ي صدرن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ايران جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ايراني صدر کي تازو ئي اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئلي تي ايران جي اصولي موقف تي ايراني صدر جا ٿورا مڃيا. صدر ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني.
ايران اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا