اشڪ آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آه?? ته اسلامو فوبيا هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آه??، اسلامي برادري اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي، گلوبل وارمنگ هڪ اهم مسئلو آه??، گرمي پد ۾ گهٽتائي جي لاءِ ترقي يافته ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آه??، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ تمام ضروري آه??، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ مسلمان امت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آه??، پوري دنيا جي معيشت ڪورونا وبا جي ڪري متاثر ٿي، ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري عالمي سطح تي مهانگائي درپيش آه??. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي اشڪ آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته واپاري ۽ اقتصادي رابطن جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آه??، ايڪو جو پليٽ فارم اقتصادي رابطن جي اضافي ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته مختلف ملڪن ۽ عالمي معيشتن جي رابطن جو فروغ ضروري آه?? ته جيئن مستقبل ۾ گڏجي اڳتي وڌي سگهجي. هن چيو ته ايڪو جي ميمبر ملڪن ۾ وسيلن جي گهڻائي آه?? ۽ اسان جي گڏيل ثقافت، ورثو ۽ مذهب آه??. صدر چيو ته ايڪو جا ميمبر ملڪ واپار، سيڙپڪاري، فنانس، ويليو چينج ۽ سماجي رابطن سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. هن چيو ته ايڪو ملڪن جو گڏيل واپار انهن جي مجموعي واپار جي 8 سيڪڙو برابر آه?? جنهن ۾ اضافو ضروري آه??. صدر عا??ف علوي چيو ته ايڪو جي متفقه ويزن 2025ع ۽ اسلام آباد پڌرنامي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن ايڪو ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ ري انشورنس ڪمپني قائم ڪري خودمختياري حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته گڏيل رابطن جي فروغ جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ قدمن جي ضرورت آه??. صدر چيو ته افغانستان 40 سال جنگ کي منهن ڏنو آه?? ۽ جنگبندي کانپوءِ اتي انساني معاشي مشڪلاتون درپيش آه??، سرديون اچي رهيون آه??، ان لاءِ بحران ۾ شدت جو خدشو آه??. هن چيو ته مسلمان امت افغانستان جي ترقي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پوري خطي جي لاءِ ضروري آه??. هن چيو ته اسان کي گڏجي افغانستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي گڏيل رابطن جي فروغ لاءِ ضروري آه??. صدر چيو ته مسلمان ملڪ پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آه?? ۽ پاڪستان ۾ هن وقت 35 کان 40 لک پناهگيرن جي ميزباني ڪئي پئي وڃي پر تعجب آه?? ته انساني حقن جو درس ڏيندڙ ملڪ پناهگيرن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ئي ٿيڻ نه ٿا ڏين. هن چيو ته اسان کي دنيا کي اهو سبق ڏيڻو پوندو ته اخلاقيات تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته مسلمان امت گڏجي عالمي سوچ ۾ تبديلي جي لاءِ اڳتي وڌي ته جيئن اسلامو فوبيا جي لهر جو خاتمو ڪري سگهجي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي معيشت بابت صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته پاڪستان ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ غريبن جي اربين رپين جي امداد ڪري معيشت کي بحال رکيو. هن چيو ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ناڻي واڌ جا مسئلا درپيش آه?? ۽ صارفين کي قيمتن ۾ اضافي کي منهن ڏيڻو پيو آه?? جڏهن ته اسان جي حڪومت غريب طبقي جي معاونت جي لاءِ قدم کڻي رهي آه??. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته غريب ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪن کان ڦريل رقم جي امير ملڪن کي ترسيل روڪي ۽ اسان جا چوري ڪيل اثاثا اسان کي واپس ڪيا وڃن.
اسلامو فوبيا هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania