اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خاتم النبيين ح??رت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ پوري ڪائنات لاءِ مشعل راهه آهي، ح??رت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪري اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، پاڻ ??ڳو??ن جي سنتن تي عمل ڪري اسان پنهنجي سمورين مشڪلاتن جو حل ڳولي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جشن ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته خاتم النبيين ح??رت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ پوري ڪائنات لاءِ مشعل راهه آهي، رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام سان نوجوان نسل کي سيرت خاتم النبين ح??رت محمد ﷺ کان روشناس ڪرائڻ ۾ مدد ملندي. اسد قيصر چيو ته پاڻ ??ڳو??ن جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪري اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، خاتم النبين ح??رت محمد ﷺ جي پيغمبري سموري انسانيت لاءِ رحمت آهي، جنهن انسانيت کي جهالت جي انڌيري مان ڪڍي نيڪي ۽ هدايت جو رستو ڏيکاريو. اسد قيصر چيو ته پاڻ ??ڳو??ن جي سيرت سموري انسانيت لاءِ نيڪي ۽ هدايت جو سرچشمو آهي، پاڻ ??ڳو??ن جي سنتن تي عمل ڪري اسان پنهنجي سمورين مشڪلاتن جو حل ڳولي سگهون ٿا. هن چيو ته خاتم النبيين ح??رت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ عدل ۽ انصاف، سچائي گڏيل بقاءُ، انسانيت سان همدردي، صبر ۽ برداشت، امن ۽ محبت جو بهترين مثال آهي. هن سال ربيع الاول کي عشره رحمت اللعالمين جي طور تي ملهايو پيو وڃي، عشره رحمت اللعالمين ملهائڻ جو مقصد حضور خاتم النبين ح??رت محمد ﷺ جي پيغام کي پوري دنيا ۾ پکيڙڻ آهي. خاتم النبيين حضور ﷺجو اُمتي هجڻ اسان جي لاءِ الله تعاليٰ جو عظيم احسان آهي. الله پاڪ جي ان عظيم احسان جو جيترو به ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي، هن چيو ته پاڻ ??ڳو??ن جي زندگي مبارڪ مينار نور آهي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ ل??ءِ مسلمان ملڪن کي پاڻ ۾ رابطا قائم ڪرڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڻ صه صحت مند معاشري جي جوڙجڪ ل??ءِ هڪ مڪمل ضا??طه اخلاق ڏنو.
خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ پوري ڪائنات لاءِ مشعل راهه آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں