اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي پا??ستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پا??ستان آمريڪا کي افغانستان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جا حامي آهيون، عالمي برادري ڀارت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير قانوني وڪري جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ انساني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا پاران ايتري اهم واقعي کي نظرانداز ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ?? نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪ??رس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڪ??رس هيٺ 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر دهشتگردي جي خلاف پا??ستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پا??ستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. پا??ستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 بلين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. افغانستان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پا??ستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان سڀ کان وڌيڪ فائدو افغانستان کانپوءِ پا??ستان کي ٿيندو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار سان سڀ کان وڌيڪ متاثر به پا??ستان ٿيو آهي، افغانستان ۾ جنگ پا??ستان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، صدر چيو ته پا??ستان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جو حامي رهيو آهي، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سان انساني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،
پاڪستان آمريڪا کي افغانستان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو: صدر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج