اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ ۽ ڪچري ??ي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن هوم هتي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا سا?? ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي جي امڪانن ج?? جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي نه آهي، هن سفير کي چيو ته ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ متوجهه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، ڊينمارڪ جي سفير ڊپٽي چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني وفدن ج?? ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ۾ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت