اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پار??يا??اني اڳواڻن ج?? اجلاس پار??يا??ينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 22 هين سيشن دوران ايوان جي ڪارروائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائي ويندي ۽ ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. خوشگوار ماحول ۾ ايوان جي ڪارروائي جي لاءِ تعاون تي سمورين پار??يا??اني پارٽين جو ٿورائتو آهيان. اميد آهي ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ۾ به انهي جذبي کي برقرار رکيو ويندو. پار??يا??اني اڳواڻن پنهنجي ميمبرن کي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڌ کان وڌ موقعو فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز