اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عا??مي برادري، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سڀ کان په??ين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي، اسان واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به دوست يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان باهه لڳائڻ ۾ نه باهه وسائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطرفي قدم ۽ طاقت جي استعمال جي خلاف آهي، عا??مي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ايران تڪرار وڌيو ته تيل ??ون قيمتون ۽ عا??مي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي ا??ن تي ا?? جا منفي اثر پوندا، اسان سڀني جي ا??لين ذميواري ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، پاڪستان اسان جي په??ين ترجيح آهي ۽ رهندي. قومي اسيمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان عهدي تي رهيو آهي ۽ هو ايترو بي خبر آهي، جنهن تي مون کي حيرت ٿي آهي.
عالمي برادري ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان ڪردار ادا ڪري: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania