اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرا??ظم جو پاناما ڪيس سان ڪو به تعلق نه آهي، محمد نواز شريف ملڪ جو ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيرا??ظم آهي، جنهن ايٽمي پروگرام، انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ، هيلٿ ڪيئر پروگرام، پهر??ن انٽرنل نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ڏني ۽ تعليمي سڌارا پروگرام تحت تعليم جي معيار کي بلند ڪيو، وزيرا??ظم نواز شريف ملڪ کي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام ڏنو، عمران خان نه رڳو نااهل آهي پر ڪوڙا الزام لڳائڻ ۽ احتجاجي سياست جو بادشاهه آهي، ان لاءِ هي پيغام آهي پاڪستان صرف اڳتي وڌندو ڇو ته پاڪستان جو وزيرا??ظم محمد نواز شريف آهي، عمران خان جو مقصد پاڪستان جي اندر بهتري آڻڻ نه پر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي هر منصوبي ۾ دير ڪرائڻ آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاناما ڪيس تي وزيرا??ظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڄ به اهو ئي موقف آهي جيڪو پهرين ڏينهن هو ته وزيرا??ظم محمد نواز شريف جو پاناما ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي.
وزيراعظم جو پاناما ڪيس سان ڪو به تعلق نه آهي:مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی