اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??ڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ طرف گامزن آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف پاران چشما ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح قوم جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي، تعليم، صحت ۽ واپار ۾ نجي شعبي جو ڪردار تمام اهم آهي، ماحول سازگار هوندو ته ??سان جي صنعت ترقي ڪندي، ملڪ ۾ فلمي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آ??ن، ان صنعت جي ترقي عالمي سطح تي ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، هن فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ واپاري برادري جي تعاون تي زور ڏنو، وزيراعظم جي تعليمي سڌارن واري پروگرام تي ڪم جاري آهي، نوجوانن ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن 2013ع ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته ??هو آسان سفر نه هو، وزيراعظم جي ويزن تحت ڪم ڪري معيشت جي ترقي ۽ توانائي بحران تي ضابطو آندو وي??، بجلي جي لوڊشيڊنگ کي 17 ڪلاڪن کان گهٽ ڪري ٽن ڪلاڪن تي آندو وي?? آهي جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دوري جي موقعي تي واپاري برادري کي خطاب ڪندي ڪيو.
حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ طرف گامزن آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ