اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليام??نٽ جي گڏيل اجلاس ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ معصوم شهرين جي قتل جي مذمت بابت قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. جمعي ڏينهن وزيراعظم جي پرڏيهي م??ام??ن واري صلاحڪار سرتاج عزيز قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليام??نٽ جو گڏيل اجلاس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون موجب خودمختياري واري حق جي لاءِ ڪشميري عوام طرفان شروع ڪيل انهن جي پنهنجي جدوجهد جي جائز حيثيت کي تسليم ڪري ٿو ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان طاقت جي ظالماڻي استعمال جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ 110 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 12 هزار کان وڌيڪ شديد زخمي ٿيا جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليام??نٽ جو گڏيل اجلاس مظاهرين جي مٿان ڇرن وارين بندوقن جي استعمال ۽ کين نشانو بڻائڻ جي به شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهن جي اکين تي زخم آيا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 150 ماڻهو مڪمل طور تي نابين ٿي چڪا آهن، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليام??نٽ جو گڏيل اجلاس ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي خلاف مسلسل بي مثال جدوجهد تي سندن حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ حريت قيادت انساني حقن جي ڪارڪنن، صحافين ۽ ٻين سياسي شخصيتن جي گرفتاري ۽ کين حراست ۾ رکڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ٿو ته هو کين فوري طور تي آزاد ڪري.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس پاران ڀارتي جارحيت خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر