اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان احتساب تحريڪ هلائڻ کان اڳ پنهنجي اڳوڻي ڊي جي احتساب ڪميشن جي چارج شيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ چندي ۾ گهپلن جو جواب ڏي، عمران خان عوام جي خدمت جي ايجنڊا تي ڌيان ڏي نه ته 2018ع جي چونڊن ۾ سندس سياست ختم ??ي ويندي. مختلف ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر پرويز رشيد چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان جي سياست جو خاتمو ??ي ويندو، هو احتساب جي تحريڪ هلائڻ جو جواز وڃائي چڪو آهي ۽ عو??م به سندس الزامن کي رد ڪيو آهي، جيڪڏهن هو سچو هجي ها ته عمران خان جو ڪنٽينر پويان هجي ها ۽ عوام اڳيان هجي ها.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام