اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين ??يو آهي ته حقوق الله ۽ حقوق العباد ادا ڪرڻ سان ئي معاشري کي جنت بڻائي سگهجي ٿو، ر??ضان المبارڪ ۾ ڪيل عبادت ذاتي زندگي ۾ به انسان جو تذڪيو ڪري ٿي ۽ اجتماعي زندگي ۾ به، اهي ٻئي مقصد نظر ۾ رکي ملڪ کي حقيقي خوشين ۽ امن ۽ سک جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه رمضان المبا??ڪ شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهي??ي جي شروع ٿيڻ تي پوري مسلمان امت ۽ پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته الله رب العزت اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المبارڪ جي برڪتن سان فيض ياب ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي جنهن تي اسان الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ شڪرا??ي جو سجدو ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت