لاهور – 04 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته رستن تي اچي حڪومت ڪيرائڻ جو مطلب طاقت جي ذريعي قبضو ڪرڻ آهي، انتشار ۽ فساد سان پ??ڪستان کي نقصان ٿيندو، لا??ور پريس ڪلب ۾ پيس جرنلزم فورم، لا??ور پريس ڪلب، بهاولپور پريس ڪلب جي سهڪار سان منعقد ”اي سيشن ون پيس جرنلزم“ کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت جي هر سطح تي ڪوششن سان دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن جڏهن ته ملڪ ۾ وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي ج??ڪو پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سيڙپڪار دوست پاليسين تي مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت آهي پر عمران خان احتجاج، افراتفري ۽ تشدد جي سياست جي ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی