گڏيل قومون-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪس??ان گڏيل قومن جي امن ڪاررواين ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ جي پنهنجي مضبوط ارادن جو ورجاءُ ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته فلسطين ۽ ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي ق??ض?? ۾ ??ورتن ۽ ڇوڪرين جي مصيبتن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ عورتن، امن ۽ سلامتي جي موضوع تي مباحثي ۾ ٻڌايو ته عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف سڀ کان وڌيڪ سنگين خلاف ورزيون غير ملڪي ق??ضي جي حالتن ۾ ٿيون آهن ڇاڪاڻ ته قبضي جو هڪ مقصد والاريل آبادي کي محڪوم بڻائڻ هو??دو آهي، جنهن ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ هو??ديون آهن. پاڪس??ان نمائندي چيو ته اها صورتحال ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي آهي جتي 1990ع کان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ هن سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو پرڏيهي ق??ض?? ۾ ??ورتن ۽ ڇوڪرين جي سنگين ۽ ناقابل قبول صورتحال جي خاتمي لاءِ قدم کڻي. ان بحث ۾ 60 کان وڌيڪ مقررن حصو ورتو ۽ امن جي عمل ۾ عورتن جي شموليت ۽ برابري جي بنياد تي فيصلا ساز?? ۾ ??صو وٺڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪس??ان پهريون ملڪ آهي جنهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي گڏيل واعدن جي پڌرنامي جي توثيق ڪئي جنهن ۾ عورتن، امن ۽ سلامتي جي گڏيل قومن جي امن فوج کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مرڪزي ترجيح طور شناخت ڪئي وئي، هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي سياسي عزم کي عملي ق??من سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پرڏيهي ق??ضي تحت ڪشمير، فلسطين ۽ ٻين هنڌن تي عورتن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
فلسطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي قبضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مصيبتن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب