جنيوا-31 جولاءِ (اي پي پي) صحت جي ع??لمي اداري سعودي ع??ب جي شهر الخبر کي صحتمند شهر طور تسليم ڪري ورتو آهي. العربيه مطابق سياحت، تفريح ۽ صحت جي ع??لمي معيار تي پورو لهڻ کانپوءِ سعودي ع??ب جي شهر الخبر کي صحت جي ع??لمي اداري ان کي صحتمند شهر جو درجو ڏنو آهي. اوڀر خطي جي سيڪريٽري انجنيئر فهد الجبير، الخبر گورنري کي صحت جي ع??لمي اداري طرفان منظوري حاصل ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏياريو. هن خطي ۾ معياري صحت ۽ ماحولياتي سهولتن جي فراهمي طرف ڌيان ڇڪائيندي چيو ته الخبر کي هڪ صحتمند شهر قرار ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته الخبر جي صحت جي اهم حيثيت کي ع??لمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ان ايڪريڊيشن سان الخبر جي ا??تص??دي سماجي، سياحتي ۽ صحت جي حيثيت ۾ اضافو ٿيندو سڃاڻپ دوران صحت جي ع??لمي اداري جي وفد جي هاڪاري تاثر طرف اشارو ڪندي هن چيو ته شهر ۾ صحتمند ماحول جا ڪيترائي ماڊلز ۽ مثال ڏسڻ لاءِ ملن ٿا جن جي پيروي ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته الخبر گورنري ۾ سمورن رهائشي پاڙن ۾ 100 کان به وڌيڪ پارڪس ۽ باغ 2،250،000 چورس ميٽرن کان وڌيڪ ايراضي تي سرسبز جايُون آهن، 47 کان به وڌيڪ راندين جا ميدان، 20 واڪ جا رستا شامل آهن. 52 ڪلوميٽر کان به وڌيڪ ايراضي تي 150،000 کان وڌيڪ وڻ لڳل آهن. الخبر جي ميونسپلٽي 15 ڪلوميٽر جي ڊيگهه سميت سائيڪلون هلائڻ لاءِ مخصوص رستا قائم ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي. زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ الخبر کي صحتمند شهر بنائڻ لاءِ منصوبن ۽ معيار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ??وششون جاري آهن.
صحت جي عالمي اداري پاران سعودي عرب جي الخبر کي صحتمند شهر طور تسليم
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔