رياض – 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته غزه تي اسرائيلي حملا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ اسرائيلي بمباري س??ب متاثر فلسطينين جا مسئلا گهٽائڻ لاءِ امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب رياض ۾ اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري اسرائيلي جاحيت بند ڪرائڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ غزه متاثرن لاءِ فوري انساني امداد جي فراهمي جي اجازت جي حوالي س??ن ٺهرائون منظور ڪرايون آهن. سعودي عرب غزه پٽي ۾ چر پر ڪندڙ ماڻهن جي مسئلن جو بار گهٽائڻ لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ خيما هوائي ۽ سامونڊي جهازن ذريعي مسلسل موڪلي رهيو آهي. غزه جي 85 سيڪڙو آبادي لڏپلاڻ تي مجبور آهي. اونروز جي رپورٽ مطابق اٽڪل 20 لک فلسطيني بي گهر ٿي ويا. سعودي عرب فلسطيني حڪومت جي سهڪار سان انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني ۽ سياسي قدم کڻي ??هيو آهي. عوامي امدادي مهم تحت هن وقت تائين 617 ملين ريال کان وڌيڪ جمع ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فلسطيني متاثرن لاءِ عطيا ڏيندڙن جو انگ 15 لک کان وڌي ويو آهي. سعودي عرب 38 جهازن ۽ 5 سامونڊي جهازن ذريعي امدادي س??مان ۽ 20 ايمبولينسون موڪليون آهن. سامونڊي ۽ هوائي رستن مان موڪليل امدادي س??مان جو مجموعي وزن 5112 ٽن تائين پهچي چڪو آهي. شاه سلمان مرڪز غزه متاثرن جي م??د لاءِ 150 ملين ريال جي خرچ سان صحت جي عالمي اداري، ريڊ ڪراس، اونروا ۽ خوراڪ جي عالمي اداري س??ن گڏيل سهڪار جا چار معاهدا ڪيا آهن.
غزه ۾ متاثرن لاءِ سعودي امداد جو سلسلو جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات