گڏيل قومون – 08 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ??ي انساني معاملن بابت رابطه ڪاري آفيس (يو اين او سي ايچ اي) چيو ته غزه جي 2.3 ملين آبادي مان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو اندروني طور تي بي گهر ٿي ??ڪا آهن جن مان اڪثر اتر طرف کان نڪرڻ جو حڪم ملڻ کانپوءِ غزه جي پٽي جي ڏکڻ طرف رخ ڪيو آهي. ا??عر??يه موجب يو اين او سي ايڇ اي چيو ته غزه جي گتيل آبادي ڏکڻ ۾ خان يونس ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهو ان نامڪمل فيصلي کي منهن ڏئي رهيا آهن ته ڇا ٻيهر نڪرنداسين يا موت کي گلي لڳائي يا زخمي ٿيڻ جو خطرو کڻي وٺون ڇاڪاڻ ته شهر شديد اسرائيلي بمباري جي زد ۾ اچي چڪو آهي. يو اين او سي ايڇ اي چيو ته غزه جي پٽي ۾ تقريبن 1.9 ??لين ماڻهن ??ي اندروني طور تي بي گهر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ??يو آهي جڏهن ته لکين ماڻهو اسرائيل جي بي رحماڻي بمباري دوران ڏکڻ جي پُرهجوم علائقي ۾ پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.
اسرائيلي بمباري سبب فلسطين جا 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن: يو اين او سي ايچ اي
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل