رياض -12 سيپٽمبر (اي پي پي)سع??دي عرب جي ولي ??هد شهزاده محمد بن سلمان مراڪش جي شاهه محمد (ڇهين) سان ٽيليفون تي ڳالهايو ۽ ساڻس مراڪش ۾ تازي خطرناڪ زلزلي ۾ انساني حياتين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. سع??دي خابرو اداري مطابق شهزاده محمد بن سلمان ساڻس ڳالهائيندي سع??دي عرب طرفان مراڪش ۽ ان جي عوام سان پختي يقين ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن لاڳاپيل سع??دي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان افسوسناڪ سانحي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري طور تي ضروري رليف ۽ انساني امداد مهيا ڪن. مراڪش جي شاهه محمد (ڇهين) سع??دي عرب جي همدردي واري موقف ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ محبت ۽ دلي لڳاءَ تي ٻڌل ڀ??ئراڻن جذبن جي اظهار تي سع??دي عرب جي ولي ??هد جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino