اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ۽ ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي، وزيراعظم افغنستان سان سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻ??ن جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪرڻ لاءِ لنگهه جي فراهمي ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻ??ن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ ان??ن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون ??اري رکندو، هن چي?? ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدردي جي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم عمران خان چي?? ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان??ن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وزيراعظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڌريون ??ابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزيراعظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.
وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر جو ٽيليفون، افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔