اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان ڪشمير جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون آهن، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪنهن قوم جي الحاق جي لاءِ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن نه ٿيون جهڙي طرح هاڻي ٿي رهيون آهن، ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جي حقن جي پائمالي ??ري رهي آهي، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشمير??ن سان گڏ آهي ۽ رهندو. ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڪشمير استحصال ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪشميري عوام اسان جي جسم جو حصو آهن، اسان جي دل ڪشميري عوام سان گڏ ۽ انهن جي دل اسان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشمير??ن سان اسان جا رشتا، ناطا آهن ۽ اهي اسان جي خاندان جو حصو آهن، اسان ڪشميرين جي لاءِ ??نهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، اسان ڪشمير جي لاءِ ??نهنجو تن من ڌن لڳائي چڪا آهيون. هن چيو ته اڄ اسان والاريل ڪشمير جي عوام کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي طاقت انهن جي پٺيان بيٺل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جا حق پائمال ??ري رهي آهي. هن چيو ته آر ايس ايس جو نظريو ڀارت ۾ هن وقت غالب اچي چڪو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري قوم جو حق نه ٿو کسي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشمير??ن سان گڏ آهي ۽ رهندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ??رڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي صحاف??ن سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ صدر، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ميمبر ۽ عوام هن ريلي ۾ ڪشميري عوام کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ??وجود آهي ته اسان توهان جي پٺيان بيٺل آهيون. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري عوام جا حق اسان جي لاءِ اسان جي جانين کان به وڌيڪ اهم آهن. اسان جي معيشت، پرڏيهي پاليسي ڪشمير جي چوگرد ٺهي آهي ۽ انهي جذبي کي اڄ به اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪشميري عوام کي يقين هجڻ گهرجي ته دنيا جي پنجين وڏي قوم انهن جي پٺيان بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ آخري دم تائين وڙهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته 5 آگسٽ جي قدم کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان ڀارت جي خوش فهمي جلد ختم ٿي ويندي.
اسان ڪشمير جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون آهن، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی