اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ??وٽ مليا، هر ??رپٽ عنصر جو بنا فرق جي احتساب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو به اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿيندو ۽ اسان جو ووٽر به ڪر??شن ڪندڙن جو احتساب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان سميت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ??يا ??يڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آهي، مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آهي، هن چيو ته مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، هي ان جي ڪارڪردگي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن ??ي طرح نه هلندي ۽ هر ??رپٽ عنصر جو احتساب ڪندي ۽ چور کي ان جي گهر تائين پهچايو ويندو ڇو ته اسان انهي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪر?? آيا ??هيون ۽ ماڻهو اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسان چور کي بي نقاب ڪر??ون ۽ هر هڪ جو احتساب ڪر??ون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج