اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي متفقه ط??ر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چ??ئرمين عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب عمران خان وزيراعظم جو اميدوار هوندو. پارلياماني پارٽي جو پهريون باضابطا اجلاس مقامي هوٽل ۾ تحريڪ انصاف جي چ??ئرمين جي صدارت ۾ ٿيو، سڄي ملڪ مان پي ٽ?? آءِ جي نون چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ پي ٽ?? آءِ جي سينيٽ ميمبرن به شرڪت ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تحريڪ انصاف جي چ??ئرمين کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي جنهن کي پارلياماني پارٽي متفقه ط??ر تي منظور ڪري ورتو، سمورن ميمبرن اٿي بيهي تحريڪ انصاف جي چ??ئرمين کي پارلياماني اڳواڻ نامزدگي تي مبارڪباد ڏني جنهن کانپوءِ عمران خان وزيراعظم جو اميدوار هوندو.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن