گهوٽڪي / اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي مذهبي آزادي ڏي ٿو، پاڪستان ۾ سمورن مذهبي اقليتن کي برابري جا حق حاصل آهن، مذهبي آزادين جي خلاف ورزين جي حوالي سان آمريڪي الزام تي حيرانگي ٿي، آمريت ۾ مسئلا دٻايا وڃن ٿا، جمهوريت هلندي رهندي ته ??مورا مسئلا حل ٿيندا، مسلم ليگ (ن) جي پليٽ فارم تان ڪنهن سان به غيرشائسته ??ويو ممڪن ئي نه آهي. گهوٽڪي ۾ هندو برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ??سلام امن جو دين آهي، اڄ جي دن??ا هڪ ڏکي دن??ا آهي پر دين جو سفر سدائين جاري رهندو. قائداعظم چيو هو ته ??وهان آزاد آهيو، توهان آزادي سان مسجدن، مندرن ۽ پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃي سگهو ٿا.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر