اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي، اڄ عدالت ۾ عم??ان خان حي??ان ڪري ڇڏيو، سندس و??يل چوي ٿو ته پاناما کي هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي تقرير تي ڳالهايو، اسان ڪيس وڙهڻ آيا هئاسين پاناما جو ۽ جواب ??ئي رهيا آهيون پارليامينٽ ۾ تقرير جو. سپريم ڪورٽ ٻاه??ان صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حي??ان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جو موقف اڄ عدالت ۾ اهو هو ته پاناما پيپرزڪيس کي هڪ طرف رکو ۽ وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ??يل تقرير تي ڌيان ڏنو وڃي، هو پاناما ڪيس وڙهڻ آيا هئا جنهن سان وزيراعظم جو ڪو تعلق نه هو ۽ اهو ئي موقف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف جو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عدالتون ثبوتن تي فيصلا ٻڌائين ٿيون پر عم??ان خان کي عادت آهي ته هو عدالت ٻاه??ان هڪ عدالت هڻي ٿو ۽ ان ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ پاڪستان جي ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک