ماسڪو-11 نومبر (اي پي پي) روس چي?? ۾ منعقد شو دوران ڪيترن ئي هدفن کي هڪ ئي وقت نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکندڙ پنهنجي ففٿ جنريشن فائٽر جيٽ ايس يو-57 جي نمائش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ففٿ جنريشن ملٽي رول فائٽر جيٽ ايس يو -57 کي فضائي، زميني ۽ پاڻي مان هدف کي تباهه ڪرڻ، پنهنجي مقرري جي اڏن کان ڊ??هي فاصلي تي فضائي حدن جي نگراني، مخالف هيڊڪوارٽر، ڪمانڊ پوسٽن ۽ ڪنٽرول سسٽم کي غير فعال بنائڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. اهو شو چي?? جي علائقي زوهائي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ايس يو-57 تيار ڪندڙ ڪمپني روس ٽيڪ جي سي اي او سرگئي چي??يزوف ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايس يو-57 شو ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن ۽ ماهرن کي متاثر ڪندو ۽ ان جا ٻين ملڪن کي فراهمي جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چي?? ته ان ويڙهاڪ جهاز کي مستقبل ۾ وڌيڪ اپ گريڊ ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا