بيجنگ – 05 مارچ (اي پي پي) چين جي 14هين قومي عوامي ڪانگريس جو ٻيو اجلاس بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ شروع ٿي ويو. چيني ميڊيا گروپ مطابق چين جي صدر شي جن پنگ ۽ رياستي اڳواڻن افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڇيانگ ڪانفرنس ۾ حڪومتي ورڪ رپورٽ پيش ڪئي. ورڪ رپورٽ مطابق چيني قيادت جي انٿڪ ڪوششن جي نتيجن ۾ گذريل سال دوران ملڪي معيشت جي بحالي ۾ مجموعي طور تي بهتري آئي آهي. جي ڊي پي جو ڳاڻيٽو 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو آه?? جيڪو 5.2 سيڪڙو جو اضافو ظاهر ڪري ٿو جيڪو دنيا جي وڏي معيشتن جي اوسر ۾ شامل آهي. گذريل هڪ سال دوران شهري علائقن ۾ هڪ ڪروڙ 24 لک 40 هزار نئين ملازمون پيدا ڪيون ويون ۽ بي روزگار?? جي اوسر 5.2 سيڪڙو رهي. صارفي قيمتن ۾ 0.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ادائيگين جو توازن بنيادي طور تي متوازن آهي. هلندڙ سال جي اهم ترقياتي هدف ۾ جي ڊي پ?? جي اوسر واري شرح لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ، شهري علائقن ۾ روزگار جا وڌيڪ 12 ملين موقعا پيدا ڪرڻ، شهري علائقن ۾ سروي ٿيل بي روزگار?? جي اوسر کي لڳ ڀڳ 5.5 سيڪڙو تائين آڻڻ، صارفي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو اضافو، شهرين جي آ??دن?? ۽ معاشي اوسر ۾ بيڪ وقت اضافو، بنيادي ادائيگين جو توازن، 1.3 ٽريلين کان وڌيڪ رکڻ، اناج جي پيداوار ۾ اضافو، جي ڊي پ?? جي في يونٽ توانائي کپ?? ۾ ??ڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ۽ ماحول جي معيار ۾ مسلسل بهتري شامل آهن.
چين جو جي ڊي پي 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ