اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وز??ر حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ او??هه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايراني پرڏيهي وز??ر ان دوري دوران نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني سان تفصيلي ڳا??هه ٻو??هه ڪندو. هو نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پرڏيهي وز??ر اسلام آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.
ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : apostas quina