اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي ترقي ۾ بو??ره برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بو??ره برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بو??ره برادري جي روحاني پي??وا ڊاڪٽر سيدنا م??ضل سيف الدين جي قيادت ۾ بو??ره برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا م??ضل سيف الدين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي بو??ره برادري جي پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا م??ضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بو??ره برادري جي پاڪستان جي لا??ِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر م??ضل سيف الدين کي سندس پاڪستان جي لا??ِ خدمتن جي اعتراف ۾ مليل نشان پاڪستان تي کيس مبارڪباد ڏني. بو??ره برادري جي وفد نگران وزيراعظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لا??ِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خراج تحسين پي?? ڪيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پوري عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آهي، مذهبي پي??وائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بو??ره برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته بو??ره برادري اڳتي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.
نگران وزيراعظم پاران پاڪستان جي ترقي ۾ بوهره برادري جي ڪردار جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں