اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي ترقي، حقن ۽ انهن جي مالي شموليت جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، چيمبرز جي عهديدارن سميت واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي قانون جي پاسداري ۽ اخلاقيات جو خاص خيال رکن. هن ??يو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي ترقي ڏئي ملڪي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ملڪ جي 70 سيڪڙو معيشت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار سان واڳيل آهي، ايس ايم ايز جي ترقي سان ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو ۽ ان سان ملڪي معيشت بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ??يو ته اسان وٽ باصلاحيت افرادي قوت موجود آهي، پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻندي انهن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ گ??رجي. هن ??يو ته 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري جي لاءِ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گ??رجي. هن ??يو ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ سان پاڪستان اقتصادي ترقي جون منزلون طئي ڪندو. صدر ??يو ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن ??يو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي، اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب عورتن کي انهن جو جائز مقام ڏيڻ گ??رجي، عورتن کي معاشڊي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته عورتن جي واپار سميت زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. صدر ??يو ته عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم ضروري آهن، ڪاروبار ۾ عورتن جي شموليت سان انهن کي روزگار ڪمائڻ ۾ پڻ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ??يو ته معاشري جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهو عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪري، انهن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪري ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. صدر ??يو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عورتن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته 5 سيڪڙو کان گهٽ عورتن ان مان فائدو کنيو. تقريب کي اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صدر سجاد سرور ۽ ٻين عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ ??يو ته واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ??دا ڪري رهي آهي. اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صدر سجاد سرور ??يو ته چيمبر ملڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته گهريلو دستڪاري جي تياري ۽ فروغ جي لاءِ عورتن کي پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي نائب صدر سيده وجيده سليم پنهنجي خطاب ۾ ??يو ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جو اهم ڪردار آهي جن جي لاءِ ڏورس پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي گروپ چيئرمين قاضي محمد الياس ان موقعي تي خطاب ڪندي ??يو ته واپاري ٽيڪس جي ادائيگي جي ذريعي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ پنهنجو بهترين ڪردار ??دا ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ صدر واپار جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن ۾ شيلڊز ورهايون.
عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری