جده-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ??سل??مي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم ک??ي. 27 آڪٽوبر تي ??مو?? ۽ ڪشمير تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا آهن. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ??مو?? ڪشمير جي عوام جي حق خوداراديت واري حق سميت ان جي حقن لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو عزم ورجايو. جنرل سيڪريٽريٽ ??سل??مي سربراهي اجلاس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلن ۽ قراردادن جو حوالو ڏيندي ڀارت تي زور ڀريو ته هو پنهنجي غير قانوني ڏاڍ ۽ ??مو?? ڪشمير جي ماڻهن جي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪري ۽ ان علائقي جي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن کي واپس وٺي.
عالمي برادري، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي، ڀارت غير قانوني ۽ هڪ طرفه قدم واپس وٺي: او آءِ سي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن