بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو آهي ته چين پ??ڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، پاڪستان کي چين جي دوستي تي فخر آهي، چين سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان چين لاڳاپن ۾ ڏار نه ٿي وجهي سگهي. چين پ??ڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، شي جن پنگ جي ويزنري قيادت ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ گهرائڻ تي چيني قيادت جا ٿورائتا آهيون، چين جي ترقي سڀني جي لاءِ بهترين مثال آهي، چيني صدر جي گذريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. هن چيو ته پوري دنيا کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش آهن. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته چين پ??ڪستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.
چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا