اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هُو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ عالمي برادري پناهگيرن جو عالمي ڏهاڙ?? ملهايو. اهو ڏينهن ڪشميري?? جي مصيبت?? جي ياد ڏياري ٿو جن کي پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري جلاوطني جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي تشدد، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڄمون ۽ ڪشمير جا هزارين ماڻهو بي گهر زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پنهنجي وطن واپس وڃڻ کان قاصر آهن. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف، ظلم ۽ ڏاڍ جي ماحول کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام جي زندگين ۾ امن آڻڻ گهرجي.
پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada