اسلام آباد – 09 – جون (ا?? پي پي) ايندڙ ما??ي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊ?? پي) تحت دفاع?? پيداوار ڊ??يزن جي ٻن جاري منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جار?? پي ايس ڊ?? پي موجب دفاع?? پيداوار ڊ??يزن جي گوادر ۾ شپ يارڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جاري اسڪيم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جن ما?? 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپيا آهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم