اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي پي ايس سانحي ??وم کي دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ تيار ڪيو، پوري ??وم دهشتگردي جي باقيات کي حتمي طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ تي پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته شرپسند عنصرن معصوم ٻارڙن تي حملو ڪيو، شهيد ڪري انسانيت سوز ظلم ڪيو، اي پي ايس سانحي ??وم کي دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ تيار ڪيو. هن چيو ته 8 سال گذري وڃڻ جي باوجود ان دل ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد اڄ به اسان جي دلين ۾ تازي آهي، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آر??ي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. صدر چيو ته پوري ??وم دهشتگردي جي باقيات کي حتمي طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏ آهي، دهشتگردي جي ڪا ڪوشش دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي دهشتگردي جي خلاف پنهنجي ??يمتي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن جي پڻ ياد ڏياري ٿو، هي ڏينهن عالمي برادري جي لاءِ به يادگيري آهي ته دهشتگردي اسان سڀني جو گڏيل مسئلو آهي ۽ اسان کي گڏجي دنيا مان ان جو خاتمو ڪرڻ جي پنهنجي ڪوشش وڌيڪ تيز ڪرڻي پوندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آر??ي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري.
اي پي ايس سانحي قوم کي دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ تيار ڪيو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا