اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ?? ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڪابل ۾ جم??ي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيور??ي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترج??ان چيو ته افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ?? فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترج??ان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترج??ان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پرڏيهي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
پاڪستان ۾ افغانستان ناظم الامور پرڏيهي آفيس طلب، ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania